ڪراچي(اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽر ليام ڊائوسن چيو آهي ته ڪراچي ۾ چوٿين ٽي ٽوئنٽي ۾ ويجهو اچي هارايو، ميچ فنش نه ڪري سگهڻ تي مايوسي آهي، غلطي مان سبق سکي اڳتي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ليام ڊائوسن پاڪستان خلاف ميچ ۾ 17 بالن تي 34 رنز ٺاهيون، هن اننگز جي ارڙهين اوور ۾ محمد حسنين کان اوور ۾ 24 رنز به ورتيون پر پوءِ ميچ کي ويجهو آڻي 19 هين اوور ۾ حارث رئوف جي بال تي آئوٽ ٿي ويو هو. ليام ڊاسن چيو ته مان سمجهان ٿو ته انگلينڊ کي ميچ کٽڻ گهرجي ها. ڪراچي جي ڪرائوڊ جي حوالي سان هن چيو ته هتان جو ڪرائوڊ بهترين هو، مان پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿو ته پهريان هتي پي ايس ايل کيڏي چڪو آهيان. هن چيو ته سيريز 2-2 تان برابر ٿيڻ کانپوءِ لاهور جون ٽئي ميچون ڪافي اهم ٿي ويون آهن جنهن ۾ ڪافي سخت مقابلو ٿيندو.