حيدرآباد /حيدرآباد(نمائندا) ڪراچي مان اسلام آباد لاءِ نڪتل پي ٽي آءِ جو قافلو پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ هالا پهتو. قافلي جي اڳواڻي علي زيدي ڪئي جڏهن ته واڌو واهه وٽ قافلي جي آجيان لاءِ ڪئمپ قائم ٿيل هئي. ڪئمپ تي ڊويزنل صدر خاوند بخش جهيجو، ايڊووڪيٽ ڀڳوانداس ڀيل، علي هڱورو سميت ٻين اڳواڻ موجود هئا. آجياڻي ڪئمپ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي علي زيدي چيو ته عمران خان جو صاف ۽ شفاف اليڪشن وارو مطالبو آهي. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين وارو قانون به انهن ئي پاس ڪيو هو پر هو شفاف چونڊون نٿا چاهين ان ڪري قانون ٺاهڻ لاءِ تيار نه آهن. هن چيو ته ملڪ قائد اعظم ٺاهيو هو جنهن کي حقيقي منعيٰ ۾ هلائڻ بدران چورن حوالي ڪيو ويو آهي ان لاءِ عمران خان فيصلائتي تحريڪ جو آغاز ڪندي حقيقي آزادي مارچ شروع ڪيو جيڪو چورن جي خاتمي تائين جاري رهندو. ٻئي پاسي ريلي ھالا باء پاس پهچڻ تي تازو پي ٽي آئي ۾ شموليت ڪندڙ ھالا هائوس جي اڳواڻ مخدوم فضل، مخدوم عمارحيدر ،مخدوم محسن ،مخدوم حسينن ،مخدوم جاويد پاران سوين پي ٽي آئي جي ڪارڪنن پاران آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ريلي ۾ اڳوڻو گورنر عمران اسماعيل، مبين جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ به شامل هئا. علي زيدي چيو ته راڻا ثناء اللہ ڪجهه به ڪري هن کي ناڪامي کانسواءِ به نه ملندو، پي ٽي آئي جي لانگ مارچ جي ڪاميابي ڏسي امپورٽيڊ حڪمران ڀوکلاٽ جو شڪار ٿي ويا آهن. هن چيو ته آصف علي زرداري سنڌ جي عوام کي پنهنجو ڪمدار سمجهي ٿو ۽ هتان جي عوام کان ووٽ وٺي ٻاهرين ملڪ ۾ پنهنجا بئنڪ اڪائونٽ ڀري عياشي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آصف علي زرداري پنهنجو پاڻ کي سائيڊ تي رکڻ بعد سنڌ ۽ ملڪ جي خزاني کي لٽڻ لاءِ پنهنجي پٽ بلاول زرداري کي ڀڃي ڇڏيو آهي. آصف علي زرداري ملڪ جي خزاني کي اڏوهي جيان کائيندي پنهنجن وزيرن، مشيرن کي ذاتي نوڪر جيان استعمال ڪندي انهن جون بجيٽون هڙپ ڪندا رهن ٿا. پي ٽي آئي اڳواڻ علي زيدي چيو ته مٽياري سان تعلق رکندڙهڪ صوبائي وزير برسات ۽ ٻوڏ جي متاثرين جي امداد لاءِ ملندڙ رقم مان ڪروڙين روپين ماليت جي هڪ قيمتي گاڏي ۽ گهڙي خريد ڪئي آهي جڏهن ته آهي اهي شيون ڪرائي تي وٺندا هئا. سنڌ جي عوام عمران خان جو ساٿ ڏنو ته ايندڙ اليڪشن ۾ تير کي ٽوڙيندا ۽ سنڌ کي جوڙينداسين.هن چيو ته 75 سالا ملڪ ۾، ظالم ۽ جابر حاڪم اقتدار ۾ رهيا مگر هنن عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏنو. مگر انشاء الله سنڌ جي عوام جي ووٽ سان پي ٽي آئي ايندڙ اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت ماڻي سنڌ مان پي پي جو وجود ختم ڪندي سنڌ تي پي ٽي آئي عمران خان حڪومت ڪندو.