ڪراچي/ ملير(رپورٽ: حبيب جمالي ۽ ناز شر) ملير ۾ معصوم ٻارڙيءِ تي مامي ۽ ماميءِ جو وحشياڻو تشدد:  هٿ ۽ ڳلي تي ڇري سان جهير ڏنا ويا، ٻارڙيءِ جي امڙ پاران معصوم ڪبريٰ سان زيادتي جو شڪ ظاهر، جوابدار جوڙو گرفتار، ان ڏس ۾ ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ سيڪٽر 17 ۾ وحشي صفت جوابدار سلمان لاشاري پنهنجي زال ثمرين ۽ سالي غفار سان گڏجي پنهنجي معصوم ڀاڻيجي 7 ورهين جي ڪبريٰ لاشاري مٿان وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد سندس هٿ، ڳلي سميت جسم تي مختلف حصن تي ڇري سان جهير ڏئي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي ٻارڙيءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف  معصوم نينگري جي ٻئي مامي رفيق لاشاري  پنهنجي ڀاءُ  سلمان لاشاري، ڀاڄائي ثمرين ۽ سندس سالي غفار مٿان شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي، پوليس ملزم سلمان لاشاري ۽ سندس زال  کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي طرف نينگري جي امڙ آمنه لاشاري ٻڌايو ته منهنجو مڙس فوت ٿي ويو آهي، مونکي 3 ورهين جو پٽ ۽ 7 ورهين جي ڌيءِ ڪبريٰ جو اولاد آهي، منهنجن ڀائرن ڪجهه وقت اڳ زبردستي منهنجي شادي لاڙڪاڻي ۾ ڪرائي ڇڏي، ٻئي ٻار مون وٽ رهندا هئا، ٻه مهينا اڳ منهنجي ڀاءَ سلمان لاڙڪاڻي اچي مون کان معصوم ڌيءِ ڪبريٰ نپائڻ لاءِ گهري، ٻه ڏينهن اڳ منهنجي ڀاءِ سلمان ۽ ڀاڄائي ثمرين مونکي فون ڪري چيو ته ڪبريٰ جي طبعيت انتهائي خراب آهي، توهان  فوري طور تي پهچو،  هتي پهچڻ تي ڏٺم ته ڪبريٰ جي طبعيت خراب هئي، منهنجي سامهون ڀاءَ، ڀاڄائي ۽ سندس سالو غفار منهنجي ڌيءِ مٿان سخت تشدد ڪندا رهيا،  کيس ڇري سان زخم پڻ لڳايا، ڀاءُ مونکي موتمار ڌمڪيون ڏئي ٻه ڏينهن گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو،  هن چيو ته مونکي شڪ آهي ته منهنجي ڌيءِ تي تشدد ڪرڻ سان گڏ زيادتي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب منهنجي ڌيءِ جي حالت انتهائي خراب آهي، هوڏانهن ايس ايس پي ملير عرفان بهادر ٻڌايو ته نينگري جي مامي رفيق لاشاري جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري سلمان ۽ سندس زال ثمرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻارڙي جي جسم تي زخمن جا نشان موجود آهن. اسان کيس اسپتال منتقل ڪيو آهي، ٻئي طرف  آءِ جي غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته  ٻارڙي تي تشدد ڪندڙ جوابدار ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، مون ايس ايس پي ملير کي واقعي جي جاچ جي نگراني جي هدايت ڪئي آهي، هوڏانهن جناح اسپتال جي پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه سعيد بارڙيءِ سان جنسي زيادتي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسان ڊي اين اي  سيمپل ليبارٽري موڪليون پيا، جنهن بعد اصل جوبدارن جي سڃاڻپ ٿي سگهندي