ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب ٻارڙي جي فوت  ٿيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڊاڪٽر عمر کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليندي ٻارڙي جي قبر ڪشائي ڪري  پوسٽ مارٽم لاءِ سنڌ جي صحت کاتي جي سيڪريٽري کي ميڊيڪل بورڊ جوڙي 24 جون تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران معصوم ٻارڙي جي والد ۽ ڪيس جي فريادي موقف اختيار ڪيو ته منهنجي معصوم ٻارڙي کي  پيشاب جو مسئلو ٿي پيو هو، جنهن کي علاج لاءِ  خانگي اسپتال وٺي ويس، جتي ڊاڪٽرن ٻارڙي کي انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ منتقل ڪري انجيڪشن  هنيا، انجيڪشن لڳڻ بعد ٻارڙو فوت ٿي ويو، انهي واقعي بعد ٻئي ڊاڪٽر اسپتال مان ڀڄي ويا، بعد ۾ پتو پيو ته اهي ڊاڪٽر ئي نه هئا. جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد ٻيو ڊاڪٽر گم هو