حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٿر ليبر فورم جي سڏ تي ڇاڇري ۾ ويم دوران ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي اسپتال جي انتظاميا خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي علي راهمون، حاڪم سميجو، مقيم چانهيو، ڌرمون ۽ ٻين چيو ته هو ٻارڙي جي موت جو ذميوار اسپتال انتظاميا قرار ڏين ٿا ڇاڪاڻ ته واقعو سيکڙاٽ ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين جي لاپرواهي سبب پيش آيو آهي. اڳواڻن چيو ته ٿر اڳ ئي پٺتي پيل علائقو آهي جتي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ بدران صحت جي حوالي سان قائم اسپتالن ۾ سيکڙاٽ عملو ويهاريو ويو آهي جيڪو غريب ۽ بي سهارا ماڻهن کي موت جي منهن ۾ پيو ڌڪي. هنن چيو ته ڄاڻايل واقعي ۾ ڇاڇرو اسپتال جي انتظاميا لاپرواهي جو مظاهرو ڪندڙ عملي سان ٻٽ بڻيل آهي. اسپتال ڪوس گهر بڻجي وئي آهي پر صحت کاتي پاران اڃا تائين ڪنهن عملدار خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي مظلوم ڌرمو جي خاندان سان انصاف لاءِ ملوث عملي خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ٻيهر معاشري ۾ اهڙا واقعا جنم نه وٺن.