رپڙي (رپورٽ: خواجه نياز محمد) رپڙيءَ ويجهو پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل امام بخش ۽ جاويد ڀٽي جي ھٿيارن جي ڇانوَ ۾ تدفين، ھڪ ئي وقت 2 جنازا  کڄڻ تي ماحول سوڳوار، علائقي ۾ خوف ۽ هراس، جتوئي ڌر جي 11 سڃاتل ۽ 3 اڻ ڄاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل، ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي. رپورٽ موجب رپڙيءَ ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد لاڙڪاڻو خيرپور باءِ پاس تي سومر ڏينهن ھٿياربندن جي فائرنگ ۾مارجي ويل ڳوٺ سونو ڀٽي واسي امام بخش ڀٽي ۽ جاويد ڀٽي جي تدفين ھٿيارن جي ڇانوَ ۾ ڪئي وئي، ھڪ ئي وقت 2 جنازا کڄڻ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو. جڏھن ته علائقي ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ وارو ماحول برقرار رهيو. هوڏانهن جاويد ڀٽي جي ڀاءُ اصغر علي جي فرياد تي بھارو ٿاڻي تي جتوئي برادري جي 11 سڃاتل ھر ھڪ لطف الله جتوئي، سڪندر علي، پير بخش، صمد، ميھر، عبدالحميد، منير عرف منو، امير، اعجاز، سلطان، خميسو ۽ 3 اڻ ڄاتل ماڻهن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدار ڌر سان پراڻو خوني تڪرار ھلندڙ آهي. ان سلسلي ۾ حملو ڪري سندن ماڻهو ماريا ويا آهن. اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پير بخش جتوئي جاويد ڀٽي کي ۽ سڪندر جتوئي امام بخش ڀٽي کي ڪلاشنڪوف جا سڌا فائر ڪري قتل ڪيو. ھوڏانھن بھارو پوليس گذريل ڏينهن ڪارروائي ڪندي جوابدارن جي خالي پيل گهرن کي ڊاهي ڇڏيو هو، ان کان وڌيڪ ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. پوليس موجب جوابدار نامعلوم ھنڌ منتقل ٿي ويا آهن، جاچ جاري آهي، جوابدارن کي جلد کين گرفتار ڪيو ويندو. مقتول پاڻ ۾ سڳا ماسات ھئا. امام بخش جنس جو واپاري ۽ بروڪر، جڏهن ته جاويد علي ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ طور نوڪري ڪندو هو.