ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي سنڌي وسندي غازي ڳوٺ بلاڪ جيِ کي ڊاهڻ جي ڪوشش، ڳوٺاڻا رستن تي نڪري آيا، روڊ بلاڪ، ٽائرن کي باهيون، آپريشن نه ٿي سگھيو، ان ڏس ۾  اسڪيم 33 گلزار هجري ۾ واقع غازي ڳوٺ بلاڪ ايِ کي ڊاهڻ جي ڪوشش بعد ڪالهه بلاڪ جيِ کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. صبح سوير پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جا اهلڪار سچل ٿاڻي وٽ گڏجڻ شروع ٿيا، اهڙي ڄاڻ ملڻ تي  ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا، غازي ڳوٺ وارو روڊ ڌرڻو هڻي بلاڪ ڪيو ويو، ڌرڻي ۾ عورتون به شامل هيون، قومپرست پارٽين جا مقامي اڳواڻ به پهتا، روڊ بلاڪ ٿيڻ ۽ ٽائرن کي باهيون ڏيڻ سبب  ٽريفڪ معطل ٿي وئي. سخت مزاحمت جي خدشي سبب انتظاميا آپريشن نه ڪري سگھي. انتظاميا موجب عدالت قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، پاڪستان پوسٽ آفيس (ٽپال کاتو) جي زمين تي قبضا ڪري گھر ٺاهيا ويا، عدالتي حڪمن تحت آپريشن ڪرڻ آياسين. ٻئي طرف ڳوٺاڻن موجب روينيو کاتي چالان ڏنا، زمين جي الاٽمينٽ ٿيل آهي، هن وقت تائين ڪو به نوٽيس نه مليو آهي، بلڊر مافيا کي زمين ڏيڻ لاءِ پهرين اي بلاڪ ۽ هاڻي وري جي  بلاڪ کي ڊاهڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ٻئي طرف قومپرست اڳواڻ اعجاز سامٽيو ۽ ٻين چيو ته مشرف دور کانپوءِ هاڻي وري سنڌي ڳوٺ ڊاهڻ جون سازشون ٿين پيون، بلاڪ جي ۾ 5 هزار کان وڌيڪ گهر آهن، اسان مري وينداسين پر گهر ڊاهڻ نه ڏبا، هن چيو ته غازي ڳوٺ کي ريگيولر ڪري ڳوٺاڻن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن