سکر(بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آھي ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي عمل ٿيو ته پي ڊي ايم ۽ تحريڪ انصاف جا اڪثر ميمبر جيل ۾ ھوندا. سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالھائيندي سراج الحق چيو ته حڪومت اڃا تائين برسات متاثرن جي بحاليءَ جو منصوبو ناھي جوڙي سگھي. عالمي ادارن کي به حڪومتي انتظامن تي شڪ ۽ خدشا آھن. جيڪڏھن حڪومت سنجيده ھجي ھا ته ھن وقت تائين بحاليءَ وارو عمل مڪمل ٿي وڃي ھا. مايوس عوام جي برداشت ختم ٿي چڪي آھي، جيڪڏھن ماڻهن کي حق نه مليا ته عوام جا ھٿ حڪمرانن جي ڳچين ۾ ھوندا. سراج الحق جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم اي ۽ پي ٽي آءِ گڏجي ملڪ تباھ ڪيو آھي، ملڪ جي ڪرپٽ، جاگيردار، سرمائيدار، لينڊ مافيا، ڊرگ مافيا سان گڏ پاڪستان کي تباھ ۽ يرغمال بڻايو آھي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن پنھنجي ذميواري ادا ناھي ڪئي، اليڪش ڪميشن پاران ڪراچيءَ ۾ بلدياتي اليڪشن ملتوي ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي، پ پ ڪراچيءَ ۾ اليڪشن ۾ شڪست ڏسندي بنا ڪنھن سبب جي اليڪشن ملتوي ڪرايو آھي. قومي اسيمبليءَ جون چونڊون ڪرائڻ ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو ناھي ته بلدياتي اليڪشن ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو ڇو آھي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي قبول نٿا ڪريون، اھِو ڪراچيءَ جي عوام سان مذاق آھي. هن چيو ته اليڪشن ۾ فوج جي مداخلت ۽ پئسي جو استعمال نه ٿيڻ گھرجي. هن جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي عمل ٿيو ته پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر جيل ۾ ھوندا.