سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سي ايس ايس جي اسڪريننگ ٽيسٽ جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا. هلندڙ سال گذريل مهيني سي ايس ايس جي 2023ع جي لکت وارن امتحانن ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ سموري ملڪ ۾ اسڪريننگ ٽيست ڪئي وئي هئي. ان لاءِ 59133 شاگردن آن لائن فارم ڀريو هو، جن مان سنڌ سميت سموري ملڪ جي مختلف سينٽرن ۾ 46256 اميدوار امتحان لاءِ ويٺا. ڪالهه جاري ڪيل نتيجن موجب 41562 اميدوار لکت واري امتحان لاءِ اهل قرار ڏنا ويا آهن. نتيجن موجب 2458 ناپاس ٿيا، جڏهن ته 2236 ڄڻن جو نتيجو مختلف سبب جي ڪري روڪيو ويو آهي. سي ايس ايس جي نتيجن موجب 89.85 سيڪڙو اميدوار لکت وارو امتحان ڏيڻ لاءِ اهل قرار ڏنا ويا آهن. ذريعن موجب گذريل سال جي نتيجن ۾ 98 سيڪڙو اميدوار پاس ٿيا هئا. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب انهي اسڪريننگ ٽيسٽ سنڌ مان ڇوڪرين جي هڪ وڏي تعدا شرڪت ڪئي آهي.