ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل ۽ ايس بي سي اي کي حسن اسڪوائر جي ڀرپاسي ۾ غير قانوني فوٽ پاٿن ۽ سروس روڊن تان فوري طور تي حددخليون ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ي ٻڌڻي دوران پوليس پاران عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي موقف اختيار ڪيو ويو ته حسن اسڪوائر وٽ فليٽن اندر گيراج کوليا ويا آهن، گيراجن خلاف ڪارروائي لاڳاپيل عملدارن جي ذميواري آهي. ان موقعي تي درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته حسن اسڪوائر وٽ يونيورسٽي روڊ جي فوٽ پاٿ تي مڇي وڪرو ڪندڙن پڻ اسٽال لڳايا آهن جنهن سبب سروس روڊ ۽ فوٽ پاٿ عام ماڻهن لاءِ بند ٿي ويا آهن.