ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ  وھاب چيو آهي ته ملڪ ۾ حالتون خراب آھن، منفي خبرون ھلن پيون،  ھر ماڻهو کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته مثبت ڪم ڪري، روزانو افراتفري لڳل آهي ته ھٽلر ڪورٽ پھتو يا نه؟  ھٽلر تقرير ڪري ٿو يا نه ؟ ميڊيا مثبت به ڪم ڏيکاري، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيوته بلاول سومر تي   1200بيڊن تي ٻڌل شهيد  ذوولفقار علي ڀٽو دل جي اسپتال جو بنياد رکندو، اسان ڪورنگي ھارٽ ڊزيز اسپتال کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي ته انھي تي سياست ڪندي روڪيو ويو، هن چيو ته وزيراعليٰ مرادشاهه  23 مارچ تي گلستان جوھر ۾ گلستان جوھر چورنگي جو افتتاح ڪندو،گمبٽ ۾ ڦڦڙن جو ٽرانسپلانٽ اپريل کان ڪم شروع ڪندو قيوم آباد چورنگي کان ملير پل کي 14 آگسٽ کان کوليو ويندو ھن چيو ته ڪراچي ۾ ٺاهيل 53 نئين يوسيز تي چونڊ ايندڙ مڪاني اليڪشن وقت ٿيندي