ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي,  ڊاڪٽر مصطفي ڪمال ۽ فاروق ستار چيو آهي ته پيپلزپارٽي گذريل 15 سالن دوران ڪراچي ۾ ڪم ناهي ڪرايا.ايندڙ حڪومت کان وزارتون نه پر  آئين ۾ ترميم گهرندي. ڪالھ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته  ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي نوجوانن لاءِ ھڪ اميد آھي، ملڪ کي ڪمائي ڏيندڙ ڪراچي سان سڀني ناانصافي ڪئي آھي،  ڪراچي کي اختيار ڏيندئو ته هڪ خودمختيار پاڪستان بڻجندو، هنن چيو ته ڪراچي ڪڏهن به وڏيرشاھي ۽ جاگيرداري واري سياست قبول ناھي ڪئي، ھنن  چيو ته نئين پاڪستان جي تعمير ايم ڪيو ايم جي جلسي سان ٿيندي،