ڪراچي: سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاھ  چيو آهي ته ڪراچي جي ڳوٺن کي ريگيولرائيز ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران متحده سميت سڀني کي آن بورڊ ورتو ويندو، سالن کان آباد انهن ڳوٺن جي آبادي وڌي آھي، انھن کي ريگيولر ڪرڻ سان اتي گيس، بجلي سميت  ٻيون سھولتون ملنديون، هن چيو ته  اسان ملير جي 350 ايڪڙن سميت  4000 ايڪڙ زمين قبضاگيرن کان خالي ڪرائي آھي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪجهه آپريشن ٿين پيا،  صدر عارف علوي جي  پلاٽ تان عدالتي حڪم تي قبضا خالي ڪرايون پيا، هن چيو ته اسان نسلا ٽاور جي حوالي سان قانونسازي ڪري گورنر کي اماڻيو ھو ته جتي غيرقانوني جاءِ آھي، رڳو انھي کي ڊاٺو وڃي،  تڏهوڪي گورنر ( عمران اسماعيل ) ڪجهه نه ڪيو، مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ھن چيو ته  ٿر ۾ لڳل آر او پلانٽس سنڌ حڪومت حوالي ٿيڻ 144 هلي رهيا هئا، واٽر ڪميشن به ٿر جو دورو ڪري ڪلين چٽ ڏني هئي، هن چيو ته ٿر ۾ ڪجهه آر او پلانٽس بجلي ۽ ڪجهه سولر سسٽم تي آهن،  ٿر ۾ ٻن اسڪيمن تحت آر او پلانٽس لڳايا ويا هئا، اسپيشل انيشيٽو  تحت  پنج ارب 24 ڪروڙن جي لاڳت سان 750 آر او پلانٽس لڳڻا هئا، ٿر ۾ لڳل 450 مان  340 آر او پلانٽ فنڪشنل آهن، بند پيل آر او پلانٽس کي هلائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، هن چيو ته اهو غلط ڳالهه  آهي ته مٺي جو ميگا آر او پلانٽ بند آھي، اڳوڻي حڪومت جي ڪري 5ڪروڙن  جو بجلي بل آيو هو، اوھين پاڻ وڃي دورو ڪريو، اهو پلانٽ جزوي طور هلي رهيو آهي،