ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه  چيو آهي ته پري بجيٽ سيشن سنڌ کانسواءِ ڪنهن به اسيمبلي ۾ ناهي ٿيندو، قومي ۽ 3 ٻين صوبائي اسيمبلين ۾ ناهي ٿيندو،  اسان2013ع ۾  انهي جي شروعات ڪئي ھئي، سنڌ اسيمبلي جي پري بجيٽ سيشن ۾ تقرير دوران ھن مخالف ڌر جي بينچن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته انھن ماڻهن کي بائڪاٽ کانسواءِ ٻي توفيق ناهي ڇو ته اهي فاشسٽ آهن ھن چيو ته ڪالهه ايوان ۾  شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي تصوير ڏيکاري وئي، شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير مشڪل قيد  گذاري پر مسڪرائي عدالتن ۾ پيش ٿيا صدر زرادري کي  نيب حراست ۾ ورتو، هن چيو ته اسين ملڪ کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪريون پيا، اهي وري ملڪ کي مشڪل ۾ وجهي رهيا آهن، هنن تحريڪ طالبان حڪومت قائم ڪرڻ جا خط لکيا، اهي چون پيا ته وٽن خودڪش بمبار موجود آهن، لاهور ۾   پوليس کي پيٽرول بم پيا هڻن، ھن چيو ته رياست جا 3 اهم ٿنڀ عدليه، انتظاميا، قانون ساز اسيمبليون هڪ ٻئي جي حدن ۾ مداخلت ڪندا ته مسئلا ٿيندا آهن، 2015ع کان ايگزيڪيوٽو جي حدن ۾ مداخلت ٿيندي رهي آهي ته يه ڪر دين گي، گرفتار ڪرلين گي،  قانون ساز ادارن جي اختيارن ۾ به  دخل اندازي ٿيندي پئي اچي،  اسان گمبٽ انسٽيٽيوٽ جو نالو اڳوڻي ايم اين اي عبدالقادر شاهه  سان منسوب ڪيو، تازو عدالت اهو نالو تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. آئون   ايوان سامهون اها ڳالهه آڻي رهيو آهيان ته اسيمبلي جي قانونن کي ختم نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته  اسان ڪراچي ۾ راڻا ڀڳوان داس سميت مختلف ججز جا پارڪن تي  نالا رکيا، عدليه پنهنجن اختيارن کي اورانگھي رهي آهي، اسان  نالا بدلائڻ واري عدالتي فيصلي خلاف اپيل ۾ وينداسين اسان ڪابينا ۾ به اها ڳالھ ڪئي هئي ته اهو مامرو اسيمبلي ۾ آندو ويندو ـ ھن چيو ته ترقياتي منصوبن تي گذريل ٽه ماهي ۾ 95 ۽ هن ٽه ماهي ۾ 105 ارب خرچ ڪيا آهن، جڏهن ته

148 اربن جي آپريٽنگ خرچن ۾ 80 اربن رپين جي گهٽتائي آندي آهي اڳتي به ان ۾ گهٽتائي ڪريون پيا، هن چيو ته اسان ايندڙ سال لاءِ حڪمت عملي به تيار ڪئي آهي، نوان ميمبر سان شڪايت ناهي پر  پراڻن ميمبرن سان  غلاضرور آهي، هن چيو ته پري بجيٽ سيشن جو اهو مقصد ناهي ته کاتن جي رقم بابت ٻڌايو وڃي، اپوزيشن کي اها ڄاڻ هجڻ گهرجي ته حڪومت انهن کي پروپوزل ٻڌائيندي آهي، جنهن تي  سڀ ميمبر ڳالھائيندا، اپوزيشن جونسٺيون تجويزون آيون آهن، جن تي عمل ٿيڻ گهرجي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پروپوزڊ بجيٽ بابت قرارداد پيش ڪئي، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو ، جنهن بابت اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو