ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي بينڪ جي لاڪر مان هڪ لک ڊالر گم ٿيڻ واري ڪيس ۾ عورت بينڪ آفيسر  نوشين خلاف چالان پيش ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ تان ايف آءِ اي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻن هفتن ۾ چالان لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت ايف آءِ اي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان بينڪ جي ٻين اهلڪارن کي ڇڏي چڪا آهيو، هاڻ سڄو زور هڪ عورت آفيسر خلاف آهي، چالان پيش نه ٿيڻ سبب عورت آفيسر ضمانت جي حق کان محروم آهي، عدالت ايف آءِ اي عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته چالان پيش ڪريو يا ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪرڻ ڇڏي ڏيو.ياد رهي ته ايف آءِ اي خانگي بينڪ فيصل جي زمزمه برانچ جي لاڪر مان هڪ لک ڊالرن جي گمشدگي خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.