ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بلڊر جي آفيس ۾ ڦر:  5 جوابدار گرفتار، سوا ڪروڙ هٿ، ان ڏس ۾ جوهر آباد   پوليس جوابدار علي زين، شهزاد، شيرمحمد، بلال ۽ محمد زبير کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ ڪروڙ 26 لک 28 هزار روڪ، 2 ليپ ٽاپ، 2 موبائل فون، هڪ پرس، شناختي ڪارڊ ۽ ڊرائيونگ لائسنس هٿ ڪري ورتا پوليس موجب جوابدار بلڊر جي آفيس ۾ واردات دوران سي سي ٽي وي جو سي ڊي آر به کڻي ويا هئا، واقعي جي ٽيڪنيڪل بنيادن تي جاچ  دوران پتو پيو ته آفيس جا ملازم به واردات ۾ ملوث آهن. پوليس موجب ملازم شهزاد جوابدارن کي آفيس جون چاٻيون ڏئي پاڻ ٻاهر بيهي رهيو، جوابدار آفيس جو دروازو کولي اندر داخل ٿيا، شيشو ۽ لاڪر  جو تالو ٽوڙي  رقم چوري ڪري فرار ٿيا