ٺل (ن پ ا)ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلشير ڪنراڻي ۾ مدرسي مان 15 ورهين جو يتيم نينگر مظفر جو پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ ڪيو ويو، کٿابين لاش پکي ۾ ٽنگيل ڏسي استادن کي اطلاع ڏنو، نينگر جو لاش کڻائي ٺل جي مزاري لاشاري ڀرسان وارثن حوالي ڪيو ويو، امڙ لاش کي چنبڙي بيهوش ٿي وئي،اطلاع ملڻ تي ٺل ۽ ڳڙهي حسن پوليس پهتي.ايس ايچ او اي سيڪشن وارثن کان تفصيل ورتا،جڏهن ته ايس ايچ او ڳڙهي حسن ڳوٺ گلشير ڪنراڻي ۾ مدرسي ۾ پهچي معاملي جا تفصيل ورتا،ٺل اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مدرسي جي انتظاميا ۽ استاد فرار ٿي ويا، جڏهن ته مدرسي ۾ پڙهندڙ کٿابي به گهرن ڏانهن هليا ويا،ڀيڻ صفيه خاتون ٻڌايو ته نينگر مظفر کي مدرسي ۾ قتل ڪيو ويو، نينگر خودڪشي ڇو ڪندو؟، کيس تشدد ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي.معاملي جي شفاف جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي،وارثن  ممتاز سومرو، ڀاءُ مجاهد سومرو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جي نينگر کي قتل ڪيو ويو آهي،اسان کي ڪابه خبر نه هئي نينگر جو لاش به مدرسي ۾ پڙهائيندڙ استاد ۽ ڳوٺاڻا اسان وٽ کڻائي آيا جن ٻڌايو ته پهريان ڊاڪٽر وٽ کڻي وياسين جتي ڊاڪٽر تصديق ڪئي ته نينگر فوت ٿي ويو آهي،مدرسي وارا ٻڌائين ٿا ته نينگر پاڻ خودڪشي ڪئي آهي پر اسان کي يقين ناهي،اسان جو نينگر خودڪشي نٿو ڪري سگهي کيس قتل ڪيو ويو آهي،معاملي جي جاچ ڪري ملوث جوابدارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي،پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.اي سيڪشن پوليس فوتي نينگر سان گڏ پڙهندڙ ساٿي کي حراست ۾ وٺي اي سيڪشن ٿاڻي منتقل ڪيو.