ملير/ڪراچي( نمائندن وٽان) سپر هاءِ وي تي واقع بحريا ٽائون ۾ خوفناڪ حادثو، گهر ڀاتي فوت: هڪ زخمي ، ريسڪيو ذريعن موجب ڊانسنگ فائونٽين وٽ ڪار کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن سبب ڪار ۾ سوار 2 عورتن سوڌو 5 ڄڻا  48 ورهين جي فهميده نعيم , 40 ورهين جي صائمه احمر, 45 ورهين جو احمر شريف , 14 ورهين جو عبدالله شريف ۽ 14 ورهين جو حماد فوت ٿي ويا، حادثي جو شڪار خاندان ملير هالٽ مان بحريا ٽائون گهمڻ آيو هو، ريسڪيو ٽيمن فوتين جا لاش  عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا