اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف موسمي تبديلي بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مصر جي دوري تي پهچي ويو، مصر جي دوري تي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد به روانو ٿيو، وزيراعظم اقوام متحده جي موسمي تبديلي بابت 27هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم هڪ اعليٰ سطحي گول ميز مباحثي جي صدارت به ڪندو، 7 نومبر تي مڊل ايسٽ گرين انيشيئٽو ڪانفرنس ٿيندي، جنهن ۾ سعودي جو وزيراعظم به شرڪت ڪندو، وزيراعظم سائيڊ لائين تي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو.