ڪراچي(م ڊ) لياري ۾ شهرين پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي کي پڪڙي ورتو، ٽن سالن بعد دورو ڪرڻ تي کيس طعنا ڏنا. مليل اطلاعن موجب ڪالهه پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي حيدر زيدي لياري جو دورو ڪيو. ته هڪ شهري سندس گاڏي روڪي ان جو دروازو کولي چيو ته ساڍا ٽي سال جڏهن اقتدر ۾ هئا ته توهان نه آيا هاڻ مڪاني چونڊون ٿين پيون ته اچي رهيا آهيو؟ جنهن جي جواب ۾ علي زيدي چيو ته آئون اڳ ۾ به اچي چڪيو آهيان. لياري واسي چيو ته توهان نه آيا آهيو جنهن تي علي زيدي چيو ته توهان مون کي ٻڌائيندئو ته آئون آيو آهيان يا نه آيو آهيان؟