دادو ( رپورٽر ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نديم بدر قاضي جي عدالت ام رباب چانڊيو جي پيء مختيار احمد سميت ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ، ام رباب چانڊيو عدالت ۾ سيڪشن 193 تحت درخواست داخل ڪئي هئي ته فريدآباد ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو منهنجي 3 گهر ڀاتين جي قتل ۾ سڌي ريت ملوث آهي جنهن کي ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪيو وڃي ، وڪيلن جي دليلن کانپوء عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ڏيندي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جو آڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي ، ام رباب چانڊيو چيو آهي ته فريدآباد ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو سڌي ريت واقعي ملوث هو اسان سندس ملوث هئڻ جا عدالت ۾ ثبوت پيش ڪيا ، عدليه حق جو فيصلو ڏنو آهي ، اها اسان مظلومن جي فتح آهي، سردارن ۽ جاگيرن جي واٺن اهلڪارن جو اهو انجام ٿيڻو آهي، جيڪي جاگيردارن جي چوڻ تي بيگناھ کي مارين يا ڪيسن ۾ ڦاسائين ٿا ، اهي هاڻي هوش مان ڪم وٺن ڇو ته عدالتن ۾ انصاف ملي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته 16 جنوري تي ٻڌڻي دوران مان ڪيس جي شاهدن مشيرن سان گڏ پيش ٿينديس .