ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڪراچي ۾ کير ۽ ڏهي جي اگهه ۾ ٻيهر واڌ: انتظاميا غائب، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ کير وڪرو ڪندڙ دڪاندارن پنهنجي طور تي کير جي اگهه ۾10رپيا اضافو ڪري نئون اگهه 220 رپيا في لٽر  ۽ ڏهي 80 رپيا في پاءُ ( 320 رپيا ڪلو ) مقرر ڪري ڇڏيو، هوڏانهن شهرين جو چوڻ هو ته ڪراچي جو ڪمشنر  کير جي اگهن  تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته کير جي اگهه تي ڪنٽرول ڪيو وڃي