پرويز خٽڪ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪي پي جي صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
300
پرويز خٽڪ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪي پي جي صدارت ڇڏڻ جو اعلان
پرويز خٽڪ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪي پي جي صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ به پاڪستان تحريڪ انصاف ڪي پي جي صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته مان ڪيترن ئي ڏينهن کان ملڪ جي سياسي صورتحال کي ڏسي رهيو آهيان، 9 مئي جي واقعن جي اڳ به مذمت ڪري چڪو آهيان

پريس ڪانفرنس دوران پرويز خٽڪ پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جي صدارت تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندي چيو ته ملڪ جو سياسي ماحول انتهائي خراب آهي، ان ماحول ۾ هلڻ مشڪل آهي

هن وڌيڪ چيو ته هو دوستن ۽ پارٽي ڪارڪنن سان مشاورت بعد مستقبل جو لائحه عمل جو فيصلو ڪندو، جيڪو پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي اهو درست ناهي، سوچي سمجهي فيصلو ڪيو آهي

ياد رهي ته ان کان اڳ اسد عمر به پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي ۽ حڪومت سان ڳالهين لاءِ عمران خان پاران جوڙيل 7 رڪني ڪميٽي ۾ پرويز خٽڪ جو نالو به شامل هو