ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه چيو آهي ته  سنڌ ۾ برساتن کانپوءِ ڪجهه ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي امداد لاءِ واجهائي رهيا آهن، ڪنهن تي الزام نه ٿو هڻان، اسان ئي هنن کي امداد جو عادي بڻايو آهي، ڪالهه ٻڌڻ جي سگھه کان محروم ٻارن جي اعليٰ تعليم بابت پهرين عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته تعليم ئي اهم ۽ واحد هٿيار آهي، جنهن ذريعي سماج کي ترقي وٺرائي سگھجي ٿي، تعليم کانسواءِ خوشحالي، شعور ۽ ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته هي پليٽ فارم معذور ماڻهن جي حوالي سان تعليم لاءِ بهتر ڄاڻ ڏيڻ ۽ مستقبل جي چيلنجز بابت پڻ مدد ڪندو. هن چيو ته خاص قابليت رکندڙ هزارين شاگردن کي پنهنجون صلاحيتون پيدا ڪرڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هن خاص ٻارن جي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته انهن جي مهرباني سان اسان جو ملڪ مضبوط ٿي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته هڪ ڪميونٽي جي حيثيت ۾ اسان جي ذميواري آهي ته لڳاتار ڪم ڪريون ۽ معذور ماڻهن کي معياري خدمتون فراهم ڪريون، هن چيو ته اسان جو مقصد معذور ماڻهن کي سندن ڀرپور صلاحيت سان بااختيار بڻائڻ آهي، هن  چيو ته اسان وٽ ڊويزنل ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اسڪولن جون عمارتون آهن پر اسان وٽ مهارتن جي کوٽ آهي. هن آئيڊاريو کي آڇ ڪئي ته اهي اڳتي اچي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ معذورن جا سرڪاري اسڪول سنڀالين،  کين فنڊن سميت ٻيون سموريون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته اسان 2018ع  ۾ اسپيشل ايجوڪيشن جو ايڪٽ پاس ڪيو، جنهن تي 2022ع  تائين مڪمل عمل نه ڪري سگهيا آهيون، لڳي ٿو ته اسان کي به تڪڙو ڪم ڪرڻ لاءِ اسپيشل ايجوڪيشن جي ضرورت آهي، ڪانفرنس کي وفاقي وزير شازيا عطا مري ۽ اين اِي ڊي ورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ٻين  خطاب ڪيو، هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد شاهه آمريڪي ڊپٽي چيف آف مشن اينڊريو شوفرسان ملاقات ۾ چيو آهي ته پاڪستان خاص طور تي سنڌ موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏئي رهي آهي،  اسريل ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گھٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته 3 لک گهر ڊهي پَٽ پوڻ ۽ 15 لک ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ سان صوبي ۾ انساني بحران پيدا ٿيو آهي،  مختلف ڳوٺ، شهر ،  هاءِ ويز جا ڪجهه حصا ۽ ريلوي ٽريڪ اڃا به پاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ٽريفڪ جي روانگي ۽ بهترين ٽرانسپورٽ لاءِ ريلوي ٽريڪ ۽ هاءِ ويز کي ڪليئر ڪرايون،. آمريڪي ڊپٽي چيف آف مشن وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته آمريڪي حڪومت متاثرن جي بحالي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندي.