لنڊن (م ڊ) برطانوي راڻي ايلزبيٿ ٽو کي مرحوم مڙس جي پيراندي کان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، راڻي جو تابوت سينٽ جارج چيپل هيٺان شاهي والٽ ۾ لاٿو ويو، دعا جي تقريب بعد شاهه چارلس راڻي جو جهنڊو تابوت تي رکيو، لارڊ چيمبرلين بيرن پارڪر پنهنجي سرڪاري لٺ ڀڃي تابوت تي رکي ڇڏي، شاهه چارلس ۽ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو چيپل کان ٻاهر اچي ويا، راڻي ايلزبيٿ جي وفات بعد آخري رسمون ۽ عوامي سوڳ پڄاڻي تي پهتو، راڻي جي آخري رسمن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل رهي، سموريون ڪاروباري سرگرميون بند رهيون. شاهي والٽ ماضي جي ڪيترن ئي برطانوي بادشاهن جو آخري آرامگاهه آهي،  شاهي والٽ ۾ راڻي ايلزبيٿ جو مڙس شهزادو فلپ به دفن آهي، ان کان اڳ راڻي جو تابوت دعائيه سروس کانپوءِ ويسٽ منسٽر ايبي کان ولنگٽن آرچ پهچايو ويو، ولنگٽن آرچ پهچڻ بعد تابوت کي تدفين لاءِ ونڊسر ڪيسل لاءِ نيو ويو، راڻي ايلزبيٿ جي آخري رسمن ۾ پاڪستان، آمريڪا، ڪئناڊا، فرانس سميت دنيا جي 500 سربراهن ۽ شخصيتن تي شرڪت ڪئي، برطانيا جي اڳوڻن وزيراعظمن جان ميجر، ٽوني بليئر، گورڊن برائون، ڊيڊ ڪيمرون، ٿريسا مي ۽ بورس جانسن به شريڪ ٿيا. برطانوي راڻي جي تابوت کي رائل نيوي جي سرڪاري گن ڪيرج ۾ ويسٽ منسٽر هال کان ويسٽ منسٽر ايبي آندو ويو، شاهه چارلس ٽيون، شهزاده وليم، هيري گن ڪيرج جي پويان پويان هلي رهيو هو.  ويسٽ منسٽر ايبي ۾ دعائيه سروس ڊين آف ويسٽ منسٽر ڊيوڊ هوئلي ڪرائي، آرچ بشپ آف ڪينٽبري جسٽن ويلبي خطبو ڏنو، سروس ۾ راڻي برطانيا لاءِ خصوصي طور تي تيار ڪيل دعائيه گيت گايا ويا، دعائيه تقريب جي پڃاڻي تي بگل وڄايو ويو، جنهن بعد سڄي ملڪ ۾ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ٻن منٽن جي خاموشي بعد قومي تراني سان دعائيه سروس جي پڄاڻي ٿي، دعائيه سروس بعد راڻي جو تابوت ويسٽ منسٽر ايبي کان لنڊن جي هائيڊ پارڪ ڪارنر ۾ واقع ولنگٽن آرچ آندو ويو. راڻي جي تابوت کي کڻي ويندڙ گن ڪيرج جي پويان هلندڙ شاهي خاندان جي قيادت شاهه چارلس ڪندو، هوڏانهن راڻي ايلزبيٿ جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ آيل عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ بادشاهه چارلس پاران بنڪنگهم پيلس ۾ استقبال ڪيو ويو، راڻي ڪنسورٽ ڪميلا پارڪر بولز شاهي خاندان سميت ويسٽ منسٽر ايبي پهتي، آمريڪي صدر بائيڊن ۽ سندس گهرواري به استقباليه ۾ شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ ڪئنادا جي وزيراعظم جسٽس ٽروڊو، فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ۽ عرب ملڪن سميت سڄي دنيا مان آيل ملڪي سربراهن شرڪت ڪئي ۽ راڻي جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو، راڻي ايلزبيٿ جون آخري رسمون ملڪ جي 125 سينما گهرن سميت عوامي هنڌن تي ڏيکاري وئي، برطانوي حڪومت راڻي جون آخري رسمون پارڪن، چوڪن، گرجا گهرن ۾ به ڏسڻ لاءِ اسڪرينون لڳايون، آخري رسمن واري تقريب کي ٽي وي تي به سڌي ريت ڏيکاريو ويو.