ڪترينا جي پهرين فلم سبب ڪنگال ٿيس، گهر به کپائي ڇڏيو هو: جيڪي شروف

0
591

ممبئي(ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ اسٽار جيڪي شروف بالي ووڊ بلم بوم جي فلاپ ٿيڻ کانپوءِ پيش آيل معاشي مشڪلات ۽ انهن ۾ ڪيل جدوجهد بابت تفصيل شيئر ڪيا آهن.جيڪي شروف چيو ته اُن وقت مونکي پنهنجو گهر وڪرو ڪرڻو پيو هو ۽ قرض لاهڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پئي هئي، پر هاڻ سڀني جو قرض ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪي شروف چيو ته خبر هئي ته ڪجهه نئون ڪيو ۽ ڪجهه حاصل ڪيو، جيڪڏهن قيمت ڀرڻي پئي ته ڀريندس، قرض لاهڻ لاءِ محنت ڪندس ۽ ائين ئي ڪيم، اڄ زبردست تجربو حاصل آهي. هن چيو ته ڪاروبار ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رهندي آهي ۽ ضروري ناهي ته سدائين ڪاميابي ملي، ڪڏهن ڪڏهن ناڪامي به مقدر بڻجندي ۽ وڏي پئماني تي تجربا حاصل ٿي ويندا آهن. پيش آيل معاشي مشڪلات ۽ انهن ۾ ڪيل جدوجهد بابت تفصيل شيئر ڪيا آهن.جيڪي شروف چيو ته اُن وقت مونکي پنهنجو گهر وڪرو ڪرڻو پيو هو ۽ قرض لاهڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پئي هئي، پر هاڻ سڀني جو قرض ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪي شروف چيو ته خبر هئي ته ڪجهه نئون ڪيو ۽ ڪجهه حاصل ڪيو، جيڪڏهن قيمت ڀرڻي پئي ته ڀريندس، قرض لاهڻ لاءِ محنت ڪندس ۽ ائين ئي ڪيم، زبردست تجربو حاصل آهي. هن چيو ته ڪاروبار ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رهندي آهي ۽ ضروري ناهي ته سدائين ڪاميابي ملي، ڪڏهن ناڪامي به مقدر بڻجندي ۽ وڏي پئماني تي تجربا حاصل ٿي ويندا آهن.