مقصودو رند ۾ ٻاجهي رند هٿان ماڻڪ اليون کي شڪست

0
289

مقصودو رند(ن پ ا) مقصودو رند ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 27ھين ميچ ۾ ٻاجھي رند اليون ۽ ماڻڪ رند اليون جون ٽيمون آمھون سامھون ٿيون. ميچ ۾ ٻاجھي رند اليون جي ٽيم ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 15 اوورن ۾ الطاف حسين رند جي 51 رنسن جي مدد سان 193 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ ماڻڪ رند اليون صداقت علي رند جي 27 رنسن جي مدد 119 رنسون ٺاھي سگھي. الطاف حسين رند کي بھترين راند ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.