عائزه خان جو نئون ڪردار”گيتي“ انٽرنيٽ تي وائرل

0
356

ڪراچي(ڪلچرل نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪار عائزه خان جو نئون ڪردار سوشل ميڊيا تي خوب وائرل ٿي ويو آهي، جنهن کي مداحن طرفان خوب پسند ڪيو پيو وڃي. عائزه خان شهرت جي بلندين تي آهي، پنهنجن سپر هٽ ڊرامن ۽ خوبصورت تصويرن ذيعي مداحن جي اکين جو تارو ۽ دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهي. انسٽاگرام تي 9.2 ملين فالورز رکندڙ عائزه خان ڪجهه عرصو اڳ تائين هڪ خاموش طبعيت اداڪارا هئي پر هاڻ هوءَ جديدت کي خوب سمجهي ٿي، عائزه خان هاڻ ٽڪ ٽاڪ شوز ۾ شرڪت ڪرڻ سميت سوشل يمڊيا تي به ڪافي سرگرم آهي.