ڀٽ شاهه  (رپورٽ: رجب بوزدار): نالي وارو وڏو فنڪار هجان ها ته جلد منهنجي پرگھور ٿي وڃي ها هارمونيم جي استاد پير بخش مڱڻهار پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ثقافت کاتي کي ميار ڏني وئي آهي بيماري جي بستري تي پيل هارمونيم جي استاد پير بخش مڱڻهار جي ثقافت کاتي ڪا سار نه لڌي آهي پنهنجي زندگي جا 45 سال فن کي ۽ 30 سال ثقافت کاتي کي ارپيندڙ استاد پير بخش تقريبن 15 ڏينهن کان دل جي تڪليف ۾ مبتلا آهي ٽائيم نيوز ۽پنهنجي اخبار سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي استاد پير بخش مڱڻهار جو چوڻ آهي ته بيماري جي بستري تي پيل آهيان ڪنهن به پرگهور نه لڌي آهي، ثقافت کاتي کي اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي مدد ڪريو، مون کي مالي طاقت نه آهي، 2 سال اڳ ۾ شاھ لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو هو، ڪو به اهڙو فنڪار ناهي جنهن سان گڏ مون فن جو مظاهرو نه ڪيو هجي، فرزانه بهار، فائزا علي، حنا ماروي، شمع ماروي ۽ ٻيا منهنجا شاگرد آهن، مون سٺن سٺن فنڪارن جي خدمت ڪئي آهي جن ۾ استاد فتح علي خان، صنم ماروي، فرزانه بهار ۽ ٻيا شامل آهن، صنم ماروي سان 7 کان 8 سال گڏ ڪم ڪيو آهي، سرڪاري طور ٻاهرين ملڪ به ويو آهيان، لوڪ ورثا ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي آهي، ڀارت جي شهر دهلي ۽ جي پور به فن جو مظاهرو ڪيو آهي،ڀٽ شاھ جي پير محلي سان تعلق رکندڙ استاد پير بخش مڱڻهار جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گذريل 15 ڏينهن کان بيماري جي بستري تي ڪري پيو آهيان ۽ حيدرآباد مان علاج هلي رهيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته 2 شاديون ڪيون آهن ۽ 4 پٽ 2 نياڻيون آهن، اولاد به بيروزگار آهي ثقافت کاتو مالڪي ڪري علاج ۾ مدد ڪري حياتي بچائي وڃي.