مقصودو رند (رپورٽ: بهادر رند):  مقصودو رند ۾  علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند پاران ساليانو جشن آزادي ڪرڪيٽ  جو افتتاح ٿيو ٽورنامينٽ جو افتتاح علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راهب علي رند ،غلام حيدر رند سالم شير رند ، مولوي مداحسين رند،  ناظم حسين رند ، سڪندر رند،  زاهد رند، ممتاز رند ، حبدار رند ۽ ڪريم بخش رند ڪيو افتتاحي ميچ ۾ ملان حرمت اليون ۽ ماڻو جمالي وچ ۾ مقابلو ٿيو پھرئين بيٽنگ ملان حرمت اليون جي ٽيم عظيم شاھ جي 71 رنسن جي مدد سان 176 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جواب ۾ ماڻو جمالي غلام صابر جي 23 رنسن جي مدد سان 89 رنسون ٺاهيون اھڙي طرح ملا حرمت اليون 86 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي ملاحرمت اليون جي رانديگر عظيم شاھ کي بھترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي کيس آيل معزز مھمانن عنايت الله رند ۽ شھباز علي رند مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.