ڪافي پيئو يا ڀاڄيون کائو ۽ ڪورونا کان محفوظ رهو

0
362

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ نئين تحقيق ۾ طبي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيڻ جا امڪان گهٽ ٿي ويندا آهن. آمريڪي سائنسدانن جي دعويٰ آهي ته روزانو هڪ ڪوپ ڪافي پيئڻ سان ڪورونا وائرس جي مهلڪ وبا کان بچي سگهجي ٿو. سائنسدانن 40 هزار برطانوي نوجوانن تي تجربا ڪيا جنهن مان اها ڳالهه سامهون آئي ته ڪافي جو هڪ ڪوپ هر ڏهين ماڻهو کي ڪورونا وائرس کان بچائڻ لاءِ فائديمند آهي. ڪافي ۾ ڪجهه اهڙا جزا شامل آهن جيڪي انساني صحت کي بهتر ڪرڻ ۽ مدافعتي نظام کي طاقتور بڻائڻ ۾ مددگار ثابٿ ٿيندا آهن. تحقيق ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته ڀاڄين جي استعمال سان به ڪورونا وائرس کان بچي سگهجي ٿو. پر چانهه ۽ ميوا ان سلسلي ۾ مددگار ثابت ناهن ٿيندا. جڏهن ته ڄميل کاڌو جنهن ۾ قيمو ۽ پچايل گوشت شامل آهي کائڻ سان وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن.