غوثپور (ن پ ا) غوثپو ويجهو مبينا ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل، ڪيس داخل نه ٿيو، وارثن جو انڊس هاءِ وي تي رکي ڌرڻو. خبر موجب ڳوٺ مارک ڀيو ۾ جوابدار خادم ڀيو پنهنجي زال مسمات شاهده خاتون کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش کڻائي سرڪاري اسپتال آندو، جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ سبب لاش ڪيترائي ڪلاڪ اسپتال ۾ پيل رهيو، بعد ۾ وارثن جي سخت احتجاج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڪنڌڪوٽ منور علي پيرزادي جي نوٽيس وٺڻ بعد ليڊي ڊاڪٽرياڻي اسپتال پهتي، جنهن بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ٻئي طرف جوابدار جي گرفتاري لاءِ مقتولا جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، وارثن جو چوڻ هو ته جوابدار بيگناهه سندن عورت کي قتل ڪيو آهي، کيس گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. بعد ۾ پوليس پهچي ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.