نيو ڇور: ھيل سال پيرون پچڻ سان تيز ھوائن سان ڳڙن واري برسات مختلف ھنڌن تي پيرون ڇاڻي رھي آھي. ڪجهه سالن کان کٻڙ جي وڻ جي نسل ڪشي ٿي رھي آھي، کٻڙن جا وڻ وڍي وڪڻيا پيا وڃن، جنھن سبب ٿري ميوات جي گھٽجڻ سان گڏ صحرائيت به وڌي رھي آھي، سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعري ۾ پيرون کي ڳايو ويو آھي.