ڪوٽڙي (رورٽر) عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ابرار قاضي چيو آهي ته ڄامشورو ضلعو منشيات جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي، ڪوٽڙي ۾ منشيات جي وڌندڙ رجحان جي موضوع تي ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته ضلعي جي چئني تعلقن مانجهد، سيهوڻ، ٿاڻو بولا خان ۽ خاص طور ڪوٽڙي تعلقي ۾ بين الصوبائي منشيات مافياز سرگرم آهي، ضلعي ۾ مين پڙي، گٽڪي، ماووي، زيڊ ايڪيھ سميت چرس، آفيم، هيروئن ۽ آئيس به آساني سان هولسيل تي دستياب آهن جن خلاف اسان سڀني کي جنگ جوٽڻي پوندي. سيمينار کي امداد پنهور، اعجاز سمون ۽ مختلف قومپرست پارٽين توڙي سول سوسائٽي اڳواڻن يونس اوٺو، ارشاد پنهور، لطيف شورو، رضا ڳورڙ، جي ايم چانڊيو ۽ ٻين به خطاب ڪيو.