لنڊن(دلچسپ نيوز) کير جون بوتلون ٻئي عالمي جنگ جا بم نڪتيون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانوي ڪائونٽي همپشائر ۾ هڪ گهر جي باغ مان بم هٿ آيا آهن، اهي بم ٻئي عالمي جنگ دوران ڳوٺاڻن تي اڇلايا ويا هئا پر اتفاق سان ڦاٽي نه سگهيا هئا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گهر مالڪ جيمز اوسبورن کوٽائي ڪرائي ته بوتلون نڪتيون. ان حوالي سان گهر مالڪ جيمز اوسبورن جو چوڻ هو ته اسان کي اهي کير جون بوتلون لڳي رهيون هيون. هن ٻڌايو ته جڏهن انهن اهي بوتلون ڪڍي جمع ڪيون ته اوچتو انهن مان دونهون نڪرڻ لڳو جنهن سبب اهي خوف ۾ وٺجي ويا ۽ فوري طور پوليس کي اطلاع ڪيو. اطلاع تي پوليس بم ڊسپوزل اسڪواڊ سان گڏ پهچي معائنو ڪيو، معائني بعد اهي بم ڊسپوزل اسڪواڊ انهن کي ٻئي عالمي جنگ ۾ استعمال ٿيل بم قرارڏنو. پوليس انهن کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ گهر سيل ڪري ڇڏيو.