روم(دلچسپ نيوز) هڪ ڊالر ۾ گهر خريد ڪريو،اٽلي ۾ انوکي اسڪيم ۾ ڪيترائي خريدار ڦاسي پيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اٽلي ۾ حڪومت سستا گهر اسڪيم متعارف ڪرائي آهي، اسڪيم تحت گهرخريدڻ لاءِ هزارين ڊالرز ڊپازٽ جمع ڪرائڻي پوندي جڏهن ته خريدار کي ٽن سالن اندر گهر کي ڊيڪوريٽ ڪرائڻ به لازمي هوندو، گهر ڊيڪوريٽ ٿيڻ بعد خريدار کي سندس ڊپازٽ واپس ڪئي ويندي. ان حوالي سان آمريڪي رياست ڪيليفورنيا سان لاڳاپيل عورت روبعيه ڊئنيلزاڻ ڄاڻائي ۾ پنهنجي ۽ ٻارڙن لاءِ موسو ميلي شهر ۾ 3 گهرخريد ڪيا ۽ بعد ۾ ڦاسي پئي. روبعيه ڊئنيلز کي ڊپازٽ جو نوٽيس مليو ته هو پريشان ٿي وئي جڏهن هن لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو ته کيس اسڪيم جي شرطن کان آگاهه ڪيو ويو جنهن بعد هن ٽنهي گهرن تان هٿ کڻي ورتو.