ماسڪو (دلچسپ نيوز) سموري دنيا ۾ اڻ ڳڻپ تباهه ڪندڙ هٿيارن کان پوءِ هاڻي هڪ ٻيو هٿيار سامهون آيو آهي، اڏامندڙ ڪلاشنڪوف اي ڪي 47 جي تصوير منظر عام تي اچي وئي. روسي جي هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپني جو تيار ڪيل اهو هٿيار حقيقت ۾ هڪ ڊرون آهي جنهن جي شڪل ڪلاشنڪوف اي ڪي 47 جهڙي آهي. ان جي تياري جو انڪشاف گذريل سال روس جي ڳجهي اداري جي هڪ آفيسر ڪيو هو. آفيسر جو چوڻ هو ته هڪ اهڙو جاسوس ڊرون تيار ڪيو آهي جنهن جي شڪل روسي ڪلاشنڪوف اي ڪي 47 جهڙي آهي جيڪو هوا ۾ اڏندي ڪلاشنقوف جهڙو لڳندوآهي.
هاڻي هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپني ان جي تصوير جاري ڪري ڇڏي آهي. ڪلاشڪوف جهڙي ان ڊرون ۾ ان جو توازن برقرار رکڻ لاءِ ان ۾ 2 بلب به لڳايا ويا آهن. واضح رهي ته اي ڪي 47 ڪلاشنڪوف سويت يونين ويڙهه دوران سموري دنيا ۾ مشهوري حاصل ڪئي هئي. ان جو نالو ان کي ٺاهيندڙ ميخائل ڪلاشنڪوف جو نالي تي رکيو ويو هو.