کيبر(ن پ ا) مٽياري ضلعي جي کيبر شھر ۾ گرمي جي موسم جي آغاز سان گڏ ماڻهن کي ميون جي بادشاهه مٺو ۽ ذائقي سان ڀريل سنڌڙي انب جو  بي صبري سان انتظار هوندو آھي کيبر ۽ ان  جي آسپاس جي علائقن ۾ انبن جا باغ آھن انبن جا مشھور قسم سنڌڙي، دسيرو، لال گلاب، پتاشا، چونسا، شيدي، چونسا نيلم، بيگن پالي، رتام، انور رٽول، فجري، سرولي  ۽ ٻيا قسم مارڪيٽ ۾ اچڻ لاءِ تيار آھن جڏهن ته هن سال گذريل برساتن  جي ڪري انبن جي باغن جا وڻ سڙي ويا آهي جنهن جي ڪري باغن جي مالڪن کي سخت نقصان پهتو آھي کيبر سان گڏ مٽياري ضلعي جي مختلف شھرن  جهڙوڪ هالا، ڀٽ شاهه، کنڊو، کيبر، سيکاٽ، آخوند جو کوهه، نيو سعيدآباد ۽ ضلعي ڀر ۾ انب مارڪيٽن ۾ پهچي ويا آهن. جڏهن ته ڪچن انبن جي پٽائي جو ڪم شروع ٿي ويو آھي جنهن کي پچائي ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيو ويندو.