سيوهڻ (ن پ ا)  سنڌ ۾ جعلي آدمشماري، مھانگائي، غربت، قومي جبر ۽ ٻين سنڌ دشمن سازشن خلاف 28 مئي تي ڏنل ھڙتال جي سڏ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو  سيوهڻ پھچي دڪاندارن ۾ ھڙتال بابت پمفليٽ ورهايا جنهن بعد سيوهڻ پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به انصاف ڀري آدمشماري نه ٿي آهي جڏهن به آدمشماري ٿي آهي ته سازش تحت سنڌين کي گھٽ ڏيکاريو ويو آهي ۽ ٻاھران آيل ماڻهن کي وڌيڪ ڳڻيو ويو آهي ۽ اسان جو تعداد گھٽ ڏيکاريو ويو آهي. ھن چيو ته 40 لک افغاني ڪراچي ۾ ڳڻيا ويا آهن ۽ اھي اڳ ئي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر بڻيل آھن ڪراچي پوليس جي نوڪريءَ کان وٺي سمورن کاتن ۽ ڪارخانن تي به انھن جو قبضو آهي ۽ ھو سنڌين کي سري عام ماري رھيا آھن سنڌين جاڳوٺ ڊاھيا پيا وڃن دھشتگردي ۽ گنڊه گڙدي جو راڄ قائم ٿيل آھي پر انھن کي پناھگير ڪيمپن ۾ رھائڻ يا واپس موڪلڻ بجاءِ اسان مٿان مڙھيو ويو آهي. ھن چيو ته سال 2023 جي آدمشماري جماعت اسلامي جھڙي انتھا پسند تنظيم, دھشتگرد ايم ڪيو ايم ۽ حڪمرانن بلاول زرداري ۽ شھباز شريف جي سھڪار سان 50 لک کان وڌيڪ ڪوڙي ڳڻپ ڪرائي ڪراچي جي آبادي وڌائي وئي آهي ته جيئن سنڌ اسيمبلي جون ھٿرادو طريقي سان سيٽون وڌائي سنڌين کان انھن جو وطن کسي ڇڏجي. ھن چيو ته سنڌ کي بچائڻ ۽ پنھنجي وجود کي بچائڻ لاءِ 28 مئي تي ھڙتال کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سموري سنڌ کي نڪرڻو پوندو.