ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر جي اڏام جاري، 309 رپين تي پهتو: سون وڌيڪ 600 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپيا واڌ سان 237200 مان 237800 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي اگهه 23 ڊالرن جي اضافي سان 1982 ڊالر في آئونس  تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2900 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو واڌ سان 308 مان 309 ۽ انٽر بينڪ ۾ 2 پئسا لاٿ سان 287.13 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ اڍائي رپيا لاٿ سان 386 مان 383.5  ۽ يورو 3 رپيا گهٽتائي سان 335 مان 332 رپين تي پهچي ويا.