کهڙا (ن پ ا)کهڙا ڀرسان ڪليري ڳوٺ تي پوليس اٽالن جي چڙهائي، 2 ڳوٺاڻا مبينا طور گرفتار، ڳوٺاڻن جو پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف کهڙا- ڊرٻ ميهر شاھ لنڪ روڊ تي ٽائر  ساڙي احتجاج. خبر موجب کهڙا ڀرسان ڪليري ڳوٺ تي 4 ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري مبينا طور ٻن ڳوٺاڻن کي حراست ۾ وٺي گم ڪري ڇڏيو. ڳوٺ تي پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. مظاهرين کهڙا- ڊرٻ ميهر شاھ لنڪ روڊ تي ٽائر ساڙي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ڳوٺاڻن عمران ڪليري، سلطان، جانب، فاروق ڪليري ۽ ٻين دانهيو ته کهڙا ٿاڻي جي ايس ايچ او عبدالرزاق ٿيٻي گمبٽ ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس ساڻ ڪري گهرن ۾ گهڙي خوف ۽ هراس پکيڙي ڇڏيو. پوليس ٻن ڳوٺاڻن عمران ۽ ڪاشف ڪليري کي بنا جواز حراست ۾ وٺي گم ڪري ڇڏيو آهي. مظاهرين ڊي آءِ جي سکر ۽  ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته کهڙا ٿاڻي جي ايس ايچ او کي هٽائي سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي ايس ايچ او کهڙا عبدالرزاق ٿيٻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته صحت مرڪز کهڙا مان موٽر سائيڪل چوري ٿي هئي، جنهن ۾ ٽريڪر لڳل هو. نشاندهيءَ تي ڪليري ڳوٺ مٿان چڙهائي ڪئي، باقي ڪنهن به ڳوٺاڻي کي گرفتار نه ڪيو  آهي.