ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف جو رهواسي موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. غريب  آباد محلي جو رهواسي نوجوان رميش ڪمار ولد چيتن ڪولهي مائٽن وٽ ميرپورخاص ويل هو ته  ميرپورخاص روڊ تي لغاري پمپ وٽ ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن ڪري موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا  سخت زخمي ٿي پيو جن کي ويجهي اسپتال آندو ويو جتي نوجوان رميش ولد چيتن زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو فوتي جو اطلاع گهر ملڻ تي ڪهرام مچي ويو.