رائونتي: رحيم يار خان پوليس پڻ ڪوٽ سبزل جي ڪچي واري علائقي مان 4 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڊي پي او رحيم يار خان اختر فاروق جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي جي کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان پنجاب جي لوڌران شهر جي 4 مغوين کي آپريشن دوران بازياب ڪرايو ويو آهي.پنجاب جي ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي پوليس، عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل لوڌران واسي جعفر شاھ، پير ابرار شاهه، چوڌري صادق ۽ عبدالمجيد کي بازياب ڪرايو ويو آهي.