ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار مان وڌيڪ هڪ نوجوان هرکجي اغوا ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ جو هڪ ٻيو نوجوان هرکجي ڌاڙيلن جي ور چڙهي ويو ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ ملوڪ ٿيٻو جو رهواسي 25 وريهن جو نوجوان ولي ڏنو ٿيٻو هرکجي اغوا ٿي ويو جنهن بعد مغوين جو تعداد 2 ٿي ويو آهي نوجوان جي وارثن کان ڌاڙيلن  30لک روپيا ڀنگ طلب  ڪيو آهي سندس گهر ۾ ماتم بربا آهي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته والي ڏنو راضپي جو ڪم ڪندو آهي جيڪو گهران نورآباد ڪم ڪرڻ لا۽ چئي نڪتو هو جنهن بعد اڄ فون آيو ته 30 لک روپيا ڀنگ ڏئي کيس ڇڏائي وڃون واضع رهي ته انهي ئي طرح ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ نصيرخان لغاري جو هڪ نوجوان دلير لغاري 3 مهينا اڳ هرکجي اغوا ٿي چڪو آهي جيڪو اڃان تائين بازياب نه آهي ٿي سگهيو.