ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، خيرپور واسي رينجرز اهلڪار شهيد، ان ڏس ۾  گلستانِ جوهر  ۾ ملينم مال وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري رينجرز اهلڪار خالد حسين ڳنڀير کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب مقتول اهلڪار جي ڊيوٽي رينجرز هيڊڪواٽر ۾ هئي، هو نائيٽ پاس وٺي گهر وڃي رهيو هو، ملينم مال وٽ موٽر سائيڪل بيهاري فون تي ڳالهائي رهيو هو ته موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻن  پهچي اهلڪار سان ڪجهه ڳالهائڻ بعد کيس گوليون هنيون، خالد سيني ۾ گوليون لڳڻ سبب موقعي تي دم ڏنو. پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي، ڪجهه عرصو اڳ مقتول جي ڀاءُ کي به قتل ڪيو ويو هو، واردات واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي. رينجرز ذريعن موجب مقتول خالد حسين ڳنڀير جو تعلق خيرپور سان هو