اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ جي صدارت ۾ جبري طور گم ٿيل ۽ لاپتا ماڻهن جي حوالي سان قائم ڪابينا جي سب ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ گهرو مامرن جي وفاقي وزير رانا ثناءُ الله، سائنس ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير آغا حسن بلوچ، وفاقي وزير شازيه مري، جسٽس (ر) فضل الرحمان ۽ جسٽس (ر) ضياءَ پرويز شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ لاپتا ماڻهن جي ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال لاپتا ماڻهن بابت رپورٽ پيش ڪئي، ڪاميٽي لاپتا ماڻهن جي ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي آگاهه ڪيو ته سمورا متاثر جيڪي هن وقت تائين ڪابينا جي سب ڪاميٽي سامهون پيش ٿي چڪا آهن اهي لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهن، ڪابينا جي سب ڪاميٽي لاپتا ماڻهن بابت قائم ڪميشن کان گذريل 10 سالن خاص طور تي گذريل 4 سالن جي تحريري رپورٽ گهري ورتي آهي، اجلاس دوران گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ڪميشن ۾ پيش ٿيندڙ لاپتا ماڻهن جي عورتن کي حراسان ڪرڻ وارن الزامن جي ترديد ڪئي، ڪاميٽي عورتن کي جنسي حراسان ڪرڻ جي الزامن جي حوالي سان ان ڪيمرا اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.