اسلام آباد (م ڊ) صدر علوي فوري چونڊن جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته وزيرعظم ۽ عمران کي ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي، ملڪ وڌيڪ بحران جي سٽ نه سهي سگهندو، ڏڦيڙ ختم ڪري اتفاق راءِ سان اڳتي وڌڻ گهرجي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي صدر عارف علوي چيو ته پريزڊينسي ۾ پريشاني وارو وقت گذري رهيو آهي، ملڪ ۾ ٻوڏ، سياسي ۽ معاشي بحران هجي ته ذهني پريشاني وڌي ويندي آهي. صدر علوي چيو ته سياسي ليڊرشپ، حڪومت يا اپوزيشن جي سياسي ڪردار جي اهميت آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته وقت ملي وڃي ته مقبوليت وڌي ويندي ۽ ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته نئين اليڪشن ذريعي واضح مينڊيٽ اچڻ گهرجي، جيڪو معيشت لاءِ بهتر آهي. هن چيو ته مقرر وقت ۾ چونڊن ۾ باقي 4، 5 مهينا بچيا آهن، جيڪڏهن اڄ به چونڊن جو اعلان ٿي وڃي ته 3،4 مهينا پولنگ ڪرائڻ ۾ لڳي ويندا، تنهن ڪري ڌرين کي ويهي اليڪشن جا معاملا طئي ڪرڻ گهرجن، آئون ان لاءِ به تيار آهيان ته پهرين ڪجهه ماڻهو ملن پوءِ وڏا ويهي ڳالهيون ڪن، باقي جيڪڏهن چونڊون نه ڪرائڻ جي سوچ هجي ته اها خطرناڪ هوندي. عارف علوي چيو ته آئين جي دائري ۾ رهي ڪم ڪيو وڃي ته جمهوريت مستحڪم ٿيندي، آئون آئيني صدر آهيان، ڪنهن آمر ذريعي صدر نه بڻيو آهيان، ان ڪري آئون آئين جي ڳالهه ڪندس، سياستدان بحرانن باوجود جمهوريت جي پاسداري ڪن، اهو ئي ملڪي مفادن ۾ آهي. عارف علوي چيو ته بحران وڌي رهيو آهي، تجويز ڏئي رهيو آهيان ته فريش مينڊيٽ هڪ سٺو رستو آهي، فوري چونڊون سٺي تجويز آهي، تجويز آهي ته ڳالهيون ڪري ڪو رستو ڪڍيو وڃي، ملڪ کي هن وقت ان شئي جي ضرورت ناهي ته چار ووٽن سان حڪومت کي هيڏانهن هوڏانهن ڪجي، ملڪ کي طاقتور مينڊيٽ رکڻ جي ضرورت آهي، وفاداريون بدلايون وينديون آهن، پيسو هلايو ويندو آهي، غريب تي ڇا گذرندي هوندي. هن چيو هت شفاف اليڪشن ۾ ووٽنگ مشين جو ڪردار انتهائي اهم آهي، سمنڊ پار پاڪستان پيسا موڪلن ٿا ته سٺا آهن پر کين ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، اسان شروع کان موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جو خاتمو اچڻ گهرجي،  ڪورونا وبا دوران يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو ان ڪري اسان ڪامياب ٿياسين، گهڻن ملڪن پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي بحرانن کي منهن ڏنو پر اسانجو ته کيسو ئي ناهي. صدر عارف علوي چيو ته سپريم ڪورٽ کي خط لکيو هو ته عمران حڪومت تبديلي تي سازش جو الزام لڳو آهي، جاچ ٿيڻ گهرجي، لياقت علي خان جو قتل ڪيئن ٿيو، اڄ تائين خبر ناهي پئجي سگهي، ايوب خان به هڪ سازش جو ذڪر ڪيو هو، 65ع ۾ به سازش جو ذڪر ٿيو هو، ايوب خان فرينڊز آف پاڪستان نالي ڪتاب ذريعي سازشن جو ذڪر به ڪيو هو، ذوالفقار علي ڀٽو به سازشن بابت هڪ ڪتاب لکيو هو، ذوالفقار  علي ڀٽو چيو هو ته پاڪستان حقيقي طور آزاد ناهي، ضياءُ الحق جو جهاز به ڪيرايو ويو، سازش ڪيئن ٿي، اڄ تائين خبر ناهي پئي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي مون ماضي جا مثال ڏئي چيو ته موجوده سازش جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ايران ۾ حڪومت تبديل ڪئي وئي، 50 سالن بعد پتو آمريڪي سازش جو پتو پيو. عارف علوي وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جو قانون دهشتگردن کي پڪڙڻ لاءِ بڻايو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته دهشتگردي جا قلم عمران خان تي ڇو لڳايا ويا؟ دهشتگرد جو قانون پهريون ڀيرو مون ۽ عمران خان تي استعمال ڪيو ويو، هن چيو ته آئون صدر نه پئي بڻجڻ چاهيو، چيو ويو هو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي بڻايو ويندو پر عمران خان ڪنهن ريت چيو صدر بڻجي وڃو ته قبول ڪيو، الله جي مدد آهي ان لاءِ آئون پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيو آهيان. صدر عارف علوي چيو ته نوازشريف سان وزارت عظمي دوران عمران خان سان گڏجي مليو هيس، ان وقت نوازشريف جو چوڻ هو ته سينيٽ اليڪشن ۾ بي انتها پيسا هلندا آهن، جنهن کي گڏجي روڪڻو آهي،