ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: سجادالرحمان پنھور) ڦلجي اسٽيشن جي محمود آباد محلي مان 3 ڏينهن اڳ رٽائرڊ پوليس اهلڪار رستم هڱورو جي گهران اغوا ڪيل 2 ڀينرون 18 ورهين جي عروسه ۽ 13 ورهين جي اميشا کي ڦلجي پوليس ڳجھي اطلاع تي ڳوٺ جنگ شريف مان هڪ گهر تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو آهي. ٻنهي ڀينرن کي ڳوٺ جنگ شريف مان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي ته پوليس اوچتو ڇاپو هڻي نارين کي بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا. ڪيس ۾ گھربل 8 جوابدارن مان ڪو به گرفتار نه ٿي سگهيو.ان موقعي تي ايس ايچ او منور چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ جنگ شريف مان اغوا ٿي ويل نارين کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي جنهن کان پوءِ خفيه اطلاع ملڻ تي ڳوٺ پهچي هڪ بند پيل گهر مان ڇاپو هڻي اغوا ٿي ويل نارين کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا. بازياب ٿي ويل نارين کي اڄ دادو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ کين وارثن حوالي ڪيو ويندو. ٻئي پاسي اغوا ٿي ويل نارين جي پيءُ رستم هڱورو ٻڌايو ته ڦلجي پوليس پاران مونکي اطلاع ڪيو ويو ته تنهنجي ٻنهي ڌيئرن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، جنهن کان پوءِ آئون ڦلجي ٿاڻي پهچي پنهنجي ٻنهي نارين سان مليس پر پوليس ڪيس ۾ جاڻايل 8 جوابدارن مان ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي دادو خاطري ڪرائي هئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ توهان سان انصاف ٿيندو. ان موقعي تي والدين پاران نياڻين جي بازيابي جي خوشي ۾ ايس ايچ او منور چانڊيو ۽ وڏو منشي خادم حسين هنڱورو کي پئسن ۽ گلن جا هار پڻ پارايا ۽ سندن شڪريو ادا ڪيو. واضح رهي ته ٻنهي ڀينرن کي پسند جي پرڻي جي پلاند ۾ اغوا ڪرڻ جا چوٻول هئي رهيا هئا.