ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ کاھي مھر وٽ چنگچي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ڪرين مشين ڊرائيور وزيرستان واسي 18 ورھين جو نديم حسين پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي ويو، رستي ويندڙ ماڻھن فوتي جو لاش کڻائي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.