جھول (ن پ ا) جھول لڳ مشين اسٽاپ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ نوجوان 22 سالن جو تامل ڀيل فوت ٿي ويو ۽ ٻيو نوجوان جئپال ڀيل زخمي ٿي پيو. جھول ٿاڻي جي حد مشين اسٽاپ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ سلام جوڻيجو جو رهواسي تامل ڀيل ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته جئپال زخمي ٿي پيو.